بلاغت الحسين

بلاغت الحسين (ڪتاب ):هيءُ امام حسين عه جي مجموعه ڪلام ۽ خطبات جو نالو آهي. انهيءَ مجموعي ۾ قول (نصيحتون) شامل آهن. هيءُ ڪتاب عربي عبارت سان سولي سنڌي ترجمي ۾ اصغريه پبليڪيشنز شايع ڪيو آهي. هن مجموعي ۾ اهي خطبا، خط ۽ قول شامل آهن، جن جو تعلق حضرت امام حسين عليه السلام يا تحريڪ ڪربلا سان آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ سنڌيڪا طرفان ان وقت جي حالتن جو پسمنظر ”پيش لفظ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. بلاغت الحسين ۾ موجود خطبا، خط ۽ قول ان پيغام کي واضح ٿا ڪن ته حضرت امام حسين عه، راهه حق جي خاطر ۽ معاشري ۾ اسلام جي معطل ڪيل، انهن سڀني سياسي، سماجي ۽ اقتصادي قانونن کي ٻيهر لاڳو ڏسڻ خاطر ڪربلا ۾ هر قسم جون قربانيون ڏئي مصيبتون برداشت ڪيائون .


لفظ بلاغت الحسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو